چشمه بئراج

چشمه بئراج

چشمه بئراج

چشمه بئراج: سنڌو درياهه تي ضلعي ديري اسماعيل خان جي هڪ هنڌ تي واپڊا پاران 1960ع ۾ هي بئراج قائم ڪيو ويو، جنهن کي ’چشمه بئراج‘ چيو وڃي ٿو. هن بئراج تي چشمه بئراج نالو اُن ڪري پيو، جو اُن هنڌ تي هڪ قدرتي چشمو پڻ موجود هو، هي چشمي وارو هنڌ پهريان پختونخوا (سرحد) صوبي ۾ هو، پر پوءِ ان کي الڳ ڪري پنجاب صوبي ۾ شامل ڪيو ويو. هيءُ بئراج خاص ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ لاءِ ٺهيل آهي، جيڪو فقط سانوڻ جي مند ۾ ٻوڏ دوران وهائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر ان جي برعڪس جڏهن کان هيءُ بئراج ٺهيو آهي ته مسلسل وهندو ئي رهي ٿو، جنهن لاءِ سنڌ جي ماهرن ۽ سياسي ڌرين جا پنجاب حڪومت سان تضاد رهندا پئي آيا آهن. هيءُ بئراج 4200 فوٽ ڊگهو آهي، جنهن کي هن وقت پنجاب جي زرعي زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي. جنهن سان سڌ کي مقر حصي کان گهٽ پاڻي پهچي ٿو. هتان ڏهه لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو نيڪال ٿي سگهڻ جي گنجائش آهي. هن بئراج مان چشمه ۽ جهلم لنڪ ڪئنالن جي ذريعي هڪ نالي کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. ’چشمه‘ جي مقام تي سنڌو درياهه جي ساڄي طرف کان هڪ وڏو نالو ڪڍيو، جيڪو ”چشمه رائٽ بئنڪ ڪئنال“ سڏجي ٿو ۽ اهو پنجاب ۾ آبپاشيءَ جي وڏن منصوبن مان هڪ آهي. رائٽ بئنڪ ڪئنال 1994ع ۾ ٺهي مڪمل ٿيو. هي ڪئنال هڪ سئو ستر ميل ڊگهو آهي. هن منصوبي هيٺ ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان جي اٽڪل پندرهن لک ايڪڙ ايراضيءَ تي آبپاشي ڪئي وڃي ٿي. هن ڪئنال سان گڏ ٻيا چار مددي نالا به ڪڍيا پيا وڃن. هي منصوبو ٽن مرحلن تي مشتمل آهي، پهريون مرحلو ڊسمبر 1986ع ۾ پورو ٿيو. هن مان 52 ميل ڊگهو نالو، خيبر پختونخوا صوبي کي ڪڍي ڏنو ويو آهي، جنهن مان ديري اسماعيل خان ضلعي جي هڪ لک 40 هزار ايڪڙ ايراضيءَ کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. هن ڪئنال رستي سنڌو درياهه مان 1200 ڪيوسڪ پاڻي کنيو وڃي ٿو. هن منصوبي جو ٻيو مرحلو 1990ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن هيٺ هڪ ٻيو 24 ميل ڊگهو نالو ڪڍيو ويو آهي، جيڪو پڪين سرن سان ٺهيل آهي. ان ذريعي 800 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياهه مان کڻي، ديري اسماعيل خان ۾ هزارين ايڪڙ زمين سيراب ڪئي وڃي ٿي. هن منصوبي جي خرچ جو وڏو حصو ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان قرض وٺي پورو ڪيو ويو آهي. ٽئين مرحلي ۾ هڪ منصوبي تحت 94 ميل ڊگهي نئن ڪڍي وئي آهي، جنهن ذريعي ٻه هزار ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي کنيو وڃي ٿو. هن بئراج تي چشمه نيوڪليئر پاور پلانٽ (چسنوپ) به قائم ٿيل آهي، جيڪو پاڪستان جو ٻيو وڏو ائٽمي بجلي گهر آهي. هتي 300 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جو لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪو آهي. هن بجلي گهر آگسٽ 1999ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي.


لفظ چشمه بئراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو